مچ واقعي ۾ بين الاقوامي مافيا ملوث آهي،شيخ رشيد

مچ واقعي ۾ بين الاقوامي مافيا ملوث آهي،شيخ رشيد

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هزاره ڪميونٽي جي قتل ۾ انٽرنيشنل مافيا ملوث آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر آهي، پشاور، لاهور، ڪراچي، ۽ ڪوئٽا ۾ دهشتگردي جا اطلاع آهن، اسان سرگودها، اسلام آباد ۽ ڪراچي مان دهشتگرد پڪڙيا آهن، اسان چئن اهڙن گروهن کي پڪڙيو آهي جن شيعه سني ۾ وچ ۾ جهيڙو ڪرائڻ ٿي چاهيو، جڏهن ته هزاره ڪميونٽي جي قتل ۾ انٽرنيشنل مافيا ملوث آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو