خيرپور ناٿن شاهه( رپورٽ برڪت علي چانڊيو) بلوچستان علائقي جي مڇ واقعي خلاف سڄي سنڌ جيان خيرپور ناٿن شاه ۾ به مڇ ۾ هزاره برادري جي يارهن پورهيتن جي قتل خلاف حزب المهدي آرگنائيزيشن ۽ وحدت المسلمين پاڪستان جي اڳواڻ سيد عامر عباس ڪاظمي , اصغر حسيني ۽ الطاف لغاري جي اڳواڻي ۾ مومنن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ وزير اعظم پاڪستان عمران خان نيازي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته وزير اعظم پاڪستان نا اهل آھي جڏھن کان بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ هزاره برادري جي يارهن پورهيتن جي قتل جو دردناڪ واقعو پيش آيو آھي تڏھن کان وٺي هن وقت تائين لاش روڊن تي پيل آھن پر وزير اعظم هڪ هٿ ۾ تسبيح ته ٻئي هٿ ۾ ڪتن سان راند کيڏي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته مڇ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي.پر افسوس جو وزير اعظم عمران نيازي ڌرڻو هڻي ويٺلن وٽ ناهي پهتو. هنن مطالبو ڪيو ته مڇ سانحي جا جوابدار فوري طور گرفتار ڪيا وڃن. ۽ وزير اعظم کي فوري طور ڪوئيٽا ۾ لاشن سوڌو ڌرڻو هڻي ويٺل متاثرن وٽ پهڇي خاطري ڪرائڻ گهرجي ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرن ۾ تيزي اچي ويندي










