مٺي (ن س) مٺي جي ڊگري ڪاليج جي ليڪچرار جو اوطاق مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو 26ورهين جي مهتاب راءِ ميگهواڙ جو اوطاق مان لاش مليو، لاش کي پوليس پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو وارثن موجب نوجوان ڪجهه مهينا اڳ مٺي جي صادق فقير بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو هو مهتاب راءِ ميگهواڙ جي والد جو چوڻ هو ته پُٽ کي ڪا پريشاني نه هئي، هو خوش مزاج هو، واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي
