ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي مُلڪ ۾ رجب المرجب 1444 هجري جو چنڊ نظر ناهي آيو.مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخيبر آزاد جي صدارت هيٺ رجب جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ مُلڪ ۾ ڪٿي به چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون نه مليون آهن.مذهبي مامرن واري وزارت موجب سڄي مُلڪ ۾ رجب جو چنڊ نظر ناهي آيو، پهرين رجب 24 جنوري اڱاري تي ٿيندي.










