نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس فار وومين شهيد بينظير آباد جو چوٿون ڪانووڪيشن يونيورسٽي جي لطيف هال ۾ ٿي گذريو. تقريب جي مهمان خاص ايم پي اي ماروي فصيح شاهه خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ پ گورنمينٽ جي ترجيح آهي ته ميرٽ جي بنياد تي ادارن ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن پاران سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري يونيورسٽين کي فنڊ ڏيندي. هن چيو ته گريجوئيٽ کي ڊگريون ڏيندي اُهو ذهن ۾ خيال آيو ته موسم تبديل ٿيڻ سان شايد انهن مان ڪنهن ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿئي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هر موسم جي تبديلي ۾ انسان بيمار ٿيندو آهي منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي ته مون هن يونيورسٽي ۾ ڊگريون ڏنيون آهي هتان ڊگريون حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪندا ۽ اُهي انسانيت جي خدمت ڪندا ۽ جيڪي به ڊاڪٽرياڻيون جتان جتان جون آهن اُتي پنهنجي چوڌاري جيڪي مريض آهن انهن جي خدمت ڪن ۽ انهن کي صحتيات ڪن.

انهيءَ موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن علي ميمڻ چيو ته هتان پاس آئون ڪري ويندڙ سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اُهي عملي فيلڊ ۾ وڃي غريب ۽ لاچار مريضن جي خدمت ڪري پاڪستان ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪن. انهيءَ موقعي تي لمس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام چيو ته هتان پاس آئوٽ ڪري ويندڙ ڊاڪٽر سڀ کان پهريان اها ڳالهه ذهن ۾ رکن ته انهن کي انسانيت جي خدمت ڪرڻي آهي، انهيءَ موقعي تي وائيس چانسلر پاران مهمان خاص ايم پي اي ماروي فصيح شاهه کي شيلڊ پيش ڪئي. انهيءَ موقعي تي ٻين مهمانن کي به شيلڊون ڏنيون ويون، جڏهن ته پروفيسر قيوم ميمڻ، پرووائيس چانسلر پروفيسر شمس شيخ تقريريون ڪيون، جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر شائسته سنڌو ڏنا. جڏهن ته ضلعي نوشهروفيروز جا ٻه ايم پي اي ممتاز چانڊيو، سيد سرفراز شاهه. ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن شاهه، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر، مير سهراب خان مري، پروفيسر ڊاڪٽر فريده وڳڻ، پروفيسر اڪبر سيال، پروفيسر محمد علي سهيل سميت ڊگريون وٺندڙ ڊاڪٽرياڻين جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي 380 ڊگريون ڏنيون ويون جن ۾ 240 ايم بي بي ايس، 140 پي جي، فارميسي، ڊاڪٽر آف فزيوو ٿراپي، نرسنگ ۽ پبلڪ هيلٿ جون ڊگريون شامل آهن، جڏهن ته 32 اميدوارن کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا ۽ 3 اميدوارن کي سلور ميڊل ڏنا ويا. ٻئي طرف شهيد بينظير آباد مان ڪوبه چونڊيل نمائيندو ايم پي اي يا ايم اين اي شرڪت نه ڪئي جڏهن ته صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو اعلانيل تقريب ۾ به شرڪت نه ڪئي.










