وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي ) ٽائون چيئرمين ميڊيا ۾ آيل خبرن جو نوٽيس وٺندي شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽس لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيون. چيئرمين سردار خليل احمد وھڻ جو چوڻ آهي ته پ پ پ عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي مخالفن جي اجائي واويلا آهي، شھرين کي وڌيڪ سهولتون به فراهم ڪنداسين. شھرين اياز وڳڻ ، غلام شبير مغيري ، رياض عباسي ،حاڪم پٺاڻ ، شمس راھوجو ، محمود پٺاڻ ، حسين ٻگھيو ۽ ٻين ٽائون انتظاميا جي عمل جي ساراھ ڪندي چيو ته اهو بهتر عمل آهي ۽ ان سان چورين تي به ضابطو اچي سگهندو.










