ميونسپل ڪاميٽي جي هٺ ڌرمي،شهر گندگيءَ جو ڍير بڻيل

گھوٽڪي (سليم ڪلهوڙو) ميونسپل ڪاميٽي گھوٽڪي عملي جي هٺ ڌرمي، سمورو شهر برساتن کان پوءِ ٻوڏ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، شهري سراپا احتجاج  بڻيل، بجيٽ ناهي عملو ڪم نه ڪندو؛ تعلقه چيئرمين. گھوٽڪي جي علائقن ليڊيز مارڪيٽ، ايريگيشن ڪالوني، ميزائيل چوڪ، ڪچهري روڊ گھوٽا مارڪيٽ، رحمووالي،ميراڻي محله، غريب آباد ۽ بگو واهه شمس آباد سميت شهر جي روڊ رستن تي پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب علائقي واسي عذاب ۾ مبتلا آهن جڏهن ته نمازي ماڻهون ۽ بزرگ پڻ نماز پڙهڻ لاءِ به نٿا نڪري سگهن. ان سلسلي ۾ محله شمس آباد بگو واهه جي رهواسين سجاد احمد دايو، حاجي سلامت راجپوت، ظهير احمد دايو، عطا محمد دايو ۽ وارث علي خان جو چوڻ هو ته اسان جي علائقي سان ماٽيلي ماءُ  وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.

هنن اهو به چيو ته ڪافي ڀيرا ميونسپل چيئرمين گھوٽڪي ۽ ٽي ايم او کي درخواستون ڪيون آهن ۽ روبرو مليا به آهيون پر اسان کي مسلسل پنجن مهينن کان آسرن ۾ رهائي صفائي واري عملي کي به نه پيو موڪليو وڃي. صفائي نه ٿيڻ ڪري ٻارڙن ۾ چمڙي جي بيمارين، خارش ۽ اکيون اٿڻ سميت ٻين بيمارين به  ڪر کنيو آهي. ريٽائر ايس ڊي ايم محمد حسن دايو ۽ رٽائرڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي گهرن ٻاهران به ساڳي حالت آهي ته ٻئي طرف سامهون ئي چاندورام ڪالوني جو مندر پڻ آهي جتي هر روز ڀڳت ٻڌڻ به ويندا آهن ۽ غريبن جي لاءِ لنگر جون ديڳون پڻ هلنديو آهن پر روڊ رستن تي گند ڪچرو جا ڍير هجڻ سبب کين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ميونسپل ڪاميٽي گھوٽڪيءَ  جي هر مهيني جي بجيٽ ڪروڙن ۾ آهي پر اها ڪنهن با اثر طرفان خالي چيڪن تي صحيون وٺي پئسا ڪڍرايا وڃن ٿا ،  جڏهن ته جيڪي پئسا بچن ٿا اهي عارضي طور ڪاغذن ۾ ڄاڻايل خاڪروب ۽ ڀنگين جي ڏهاڙين ۾ خرچ ڄاڻايا وڃن ٿا ۽ ٻيا بنگلن جي خرچ ۽ گاڏين جي تيل جي خرچ ۾ استعمال ڄاڻايا وڃن ٿا. من پسند ٺيڪيدارن کي ٽينڊر يا بنا ٽينڊر جي ٺيڪا حوالي ڪري بچيل بجيٽ به هڙپ ڪئي وڃي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو