اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي.پي ٽي آءِ جي وفد ۾ اسد قيصر، حامد رضا، عمر ايوب، اخونزاده حسين يوسفزئي، عامر ڊوگر ۽ رئوف حسن شامل هئا.ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي وفد اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي.پي ٽي آءِ وفد اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺي پارليامينٽ اندر جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي.ذريعن موجب اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي صورتحال سنگين آهي، واپسي جو ڪو به فيصلو ڏکيو آهي.اختر مينگل جو چوڻ آهي ته هاڻي بحث جو وقت گذري ويو آهي، ڪو به بلوچستان جي اصل مسئلن کي سمجهڻ نٿو چاهي…حڪومت ۽ مخالف ڌر بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي مينگل) جي سربراهه سردار اختر مينگل کي اپيل ڪئي آهي ته هو قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ واپس وٺي،راڻا ثناءُ الله جي اڳواڻي ۾ حڪومتي وفد اختر مينگل کي منائڻ لاءِ وٽس پهتو،ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اختر مينگل جو فيصلو نه رڳو سندس حلقي جي عوام لاءِ پر حڪومت لاءِ به حيران ڪندڙ آهي،هن اهو به چيو ته اختر مينگل آيو آهي، ڪوشش اها آهي ته انهن جي ناراضگي کي ختم ڪري انهن کي پاڻ سان وٺي.










