مينڊيٽ تسليم ڪريو ۽ عمران خان کي آزاد ڪريو، علوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عارف علوي چيو منهنجي درخواست آهي ته مينڊيٽ جو قدر ڪيو، ٻي درخواست آهي ته پي ٽي آءِ باني سان انصاف ڪيو ۽ کيس آزاد ڪيو. هن چيو ته ظلم روڪڻ جي ذميواري اسان سڀني تي آهي، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو پيو وڃي، منهنجي وڪيلن کي درخواست آهي ته جدوجهد ڪيو.سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ حادثاتي اعتبار سان جمهوريت آئي آهي، پاڪستان جو آئين مون لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو