ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي اربع کان خميس تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب 8 کان 9 نومبر تي مٿانهين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ويسٽرن مون سون سسٽم پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن تحت بلوچستان جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي موجب اولهه مون سون سسٽم تحت ڪوئيٽا، خاران، چمن، زيارت، قلعه عبدالله ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.قلعه سيف الله، لورالائي، پشين، زيارت، هرنائي ۽ مسلم باغ ۾ برسات جا امڪان آهن جڏهن ته زوب، موسيٰ خيل، سبي، مستونگ، قلات، نوشڪي ۽ چاغي ۾ به برسات جو امڪان آهي. پشاور ۾ جزوي طور تي ڪڪر، موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
