ميزائيل غلطي سان فائر ٿيو، ڀارت جو اعتراف ۽ افسوس

ميزائيل غلطي سان فائر ٿيو، ڀارت جو اعتراف ۽ افسوس

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان ۾ ميزائل فائر ڪرڻ کي فوج جي غلطي قرار ڏيندي ان واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي. ڀارتي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معمول جي سار سنڀال دوران فني خرابي سبب ميزائل اتفاقي طور تي فائر ٿيو ۽ پاڪستان جي علائقي ۾ ڪري پيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. ڀارتي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو