لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي سروسز اسپتال کان شريف ميڊيڪل سٽي منتقلي ۾ هڪ ڏينهن جي دير ٿي وئي. مريم نواز جي روبڪاري جاري نه ٿي، سروسز اسپتال مان ڊسچارج ڪرڻ باوجود کيس منتقل نه ڪيو ويو. شهباز شريف ۽ مريم نواز اسپتال ۾ موجود هئا پر بعد شهباز شريف واپس هليو ويو. شريف ميڊيڪل ڪمپليڪس مان آل ايمبولينس ۽ عملي کي واپس ڪيو ويو. سندس ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته نواز شريف جي صحت بدستور بگڙي رهي آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو آهي ته سندس پليٽيليٽس قابل قبول حد کان گهٽ ٿي رهيا آهن، جن کي وڌائڻ لاءِ دوا نٿي ڏئي سگهجي ڇو ته ان سان دل جي دوري ۽ فالج جو انديشو وڌي وڃي ٿو. هن جي ڪنهن به وقت رت وهڻ جو خدشو آهي. هوڏانهن ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه ڊاڪٽر محمود اياز چيو آهي ته ميان نواز شريف جي بيماري جي تشخيص نه پئي ٿئي سندس ايڊوانس جينيٽڪ ٽيسٽ جي ضرورت آهي، جيڪا پرڏيهه مان ٿيندي، صحت کاتو اسان سان ڳالهائي ته اسين لکت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ته هن کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪليو وڃي. اسين سندس خون جا ڪجهه ٽيسٽ هتي ڪيا آهن ۽ ڪجهه ٽيسٽ اهڙا آهن جيڪي پاڪستان ۾ ممڪن ناهن. ان لاءِ اسين نمونا پرڏيهه موڪلي رهيا آهيون هن چيو ته سندس شگر ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ به رت جو نمونو نٿا وٺي سگهون ڇو ته رت بند نه ٿيندي. هن کي جيڪا بيماري لاحق آهي ان ۾ رت ڪڍڻ بعد ان جاءِ تي جهلي ٺاهي رت بند ڪرڻ وارا جزا گهٽجي ويا آهن ۽ سندس جسم ۾ قوت مدافعت جي گهٽتائي آهي.










