ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي تہ ھائيڊرنٽس سيل واٽر ڪارپوريشن کي ڊجيٽلائيزڊ ڪرڻ جو بنيادي مقصد اھو آھي تہ شهري آساني سان سان ڪلورين مليل ۽ صاف پاڻي جا ٽينڪرز حاصل ڪري سگھن، مون کي اڄ اھيو ٻڌائيندي خوش محسوس ٿي رھي آھي تہ واٽر ڪارپوريشن پهريون ڀيرو هائيڊرنٽس ذريعي پاڻي جي فراهمي جي حقيقي معلومات ڏانهن وڌيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائيڊرنٽس مينيجمينٽ سينٽر واٽر ڪارپوريشن ڪارساز جو دورو ۽ معائنو ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، پي پي اڳواڻ ڪرم الله وقاصي، سڪندر بلوچ، نديم ڪرماڻي، سيد سردار شاھ سميت واٽر ڪارپوريشن جا ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب دوري جي موقعي تي ميئر ڪراچي کي سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي، ان موقعي تي ميئر ڪراچي سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر جي قيام جي سلسلي ۾ سندس ڪوششن کي ساراهيندي چيو تہ واٽر ٽينڪر سروس جو مقصد خساري ۾ رهندڙ عام شهرين کي فوري رليف فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو تہ سافٽ ويئر ذريعي عوام کي اي سلپ ملنديون جنهن ۾ ٽينڪر جي سموري معلومات موجود هوندي، هن چيو 550 ٽينڪرز ۾ ٽريڪر سسٽم ۽ ٽينڪرز جي ونڊ اسڪرينن تي ڪيو آر ڪوڊ لڳايا ويا آهن، ڪيو آر ڪوڊ سان عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اھيا خبر پئجي سگهندي تہ ٽينڪر ڪهڙي هائيڊرينٽ تي رجسٽرڊ ٿيل آهي ۽ ان جو سرڪاري اگھ ڇا آهي، جڏهن تہ ڪيو آر ڪوڊ ذريعي غير قانوني ٽينڪرز کي آساني سان سڃاڻي سگهجي ٿو، جنهن سان پاڻي چوري تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو جيڪو اسان جو بنيادي ۽ اصل مقصد آهي.
