موٽر وي تي ٽريلر ڪلٽي 3 فوت 4 ڄڻا زخمي

گڏاپ(ن سنڌيار) پاور سيمينٽ ڪمپني لڳ موٽروي تي ڪلٽي ٿيل ٽرالر سان 3 گاڏيون ٽڪرائجي ويون. حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، 4 زخمي ٿي پيا، ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ڪڻڪ سان ڀريل ٽريلر ڪلٽي ٿي پيو.ڪلٽي ٿيل ٽريلر ۾ پٺيان ايندڙ تيز رفتار ڪار ۽ 2 ٽريلر به ٽڪرائجي ويا، ڪار ۾ سوار لطيف آباد حيدرآباد واسي سعد بابر پٽ بابر شاهين سوڌو 3ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏھن تھ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو