موٽر سائيڪل جو هارن وڄائڻ تان مهرن ۾ جهيڙو، 3 زخمي

خانپورمهر(ن س) ڳوٺ ڇتن مهر ۾ گهر اڳيان موٽرسائيڪل جو هارن وڄائڻ تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻه معصوم ٻارِڙا ضامن علي ۽ شمن علي ۽ هڪ عورت مسمات ذڪيه سروٽا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. جڏهن ته زخمي ٻارڙن ۽ عورت جي وارثن رحمت الله مهر، ممتاز مهر، نظام مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جي نينگر پنهنجي گهر جي اڳيان موٽرسائيڪل جو هارون وڄايو ته پاڙي ۾ ويٺل جوابدار سچل مهر سندس پٽن مٺو مهر، عيدن مهر ۽ ٻين اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان جي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو. مظاهرين ٻڌايو ته اسان خانپورمهر ٿاڻي تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تشدد ۾ ملوث جوابدارن .کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو