موٽر سائيڪلون چورائيندڙ گروه جا 5 ڄڻا گرفتار

موٽر سائيڪلون چورائيندڙ گروه جا 5 ڄڻا گرفتار

راڻيپور (نديم شيخ) موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي الزام ۾ روھڙي واسي پنج ڄڻن کي راڻيپور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. آئي گرفتار ٿيلن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي الزام ۾ روھڙي جي رھواسين نعيم جانوري، سھيل جتوئي، نويد جانوري، پنھل جوڻيجو ۽ احمد خان جوڻيجو کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو .گرفتار ٿيل شڪي ماڻھن تي ڪجھ ڏينھن اڳ درگاھ سچل سرمست ٻاھران موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جو الزام آھي پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز تان نشاندهي ڪري سندن نشاندهي ڪئي آهي. شڪي ماڻھو روھڙي مان راڻيپور پوليس گرفتارڪري کڻي آئي رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته پنج ڄڻا شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيا آھن جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو