مولانا ۽ ايمل ولي خلاف خودڪش حملو ناڪام،دهشتگرد گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي علائقي متني مان سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي 2 آپگهاتي بمبارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. دهشتگردن مولانا فضل الرحمان ۽ امل ولي تي خودڪشي ڪرڻي هئي.پشاور ۾ ايس ايس پي آپريشنز سي ٽي ڊي نجم حسين لياقت پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته متني جي علائقي مان گرفتار ڪيل آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ عادل خان جي نالي سان ٿي آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد جي نشاندهي تي سندس هڪ ٻئي ساٿي طاهر کي اچيني مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي آپريشن سي ٽي ڊي چيو آهي ته دهشتگردن جو تعلق داعش خراسان سان آهي. هن چيو ته دهشتگردن اعتراف ڪيو آهي ته سندن ارادو جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اي اين پي جي صوبائي صدر امل ولي خان کي نشانو بڻائڻ هو. نجم الحسين اهو به ٻڌايو آهي ته دهشتگردن منصوبي تحت ڪجهه هنڌن جي ريڪي پڻ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو