مولانا سان افغان سفير جي ملاقات، خطي سميت پاڪ افغان لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جو سفير سردار احمد جان شڪيب جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو،سردار شڪيب جي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان تفصيلي ملاقات ڪئي،ترجمان اسلم غوري موجب افغانستان جي عبوري سفير مولانا فضل الرحمان کي افغان حڪومت جو خصوصي پيغام پهچايو،افغانستان جي عبوري سفير مولانا فضل الرحمان کي افغانستان جي دوري جي دعوت ڏني،ٻنهي اڳواڻن خطي سميت پاڪ افغان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ،ٻنهي ملڪن جا بهتر لاڳاپا خطي ۾ امن جي ضمانت آهن، اڳواڻن اتفاق ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو