مولانا جي سڪيورٽي خطري بابت وزير جو بيان ڳڻتي جوڳو آهي:جي يو آءِ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مولانا فضل الرحمان جي سڪيورٽي خطري بابت گهرو وزير جو بيان ڳڻتي جوڳو آهي، جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري موجب حڪومت خوف ۽ حراس پکيڙڻ بدران پنهنجي ذميواري پوري ڪري،حڪومت ٻڌائي ته جي يو آءِ سربراهه جي تحفظ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن،حڪومت پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري سگهي ته ناڪامي جو اعلان ڪري،جي يو آءِ جا ڪارڪن ڄاڻن ٿا ته ڪيئن پنهنجي قيادت کي بچائڻو آهي، جي يو آءِ ۽ ان جي قيادت کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي هر سازش جو مقابلو ڪيو ويندو،اليڪشن کان اڳ اهڙا بيان ڏئي عوام ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪيو پيو وڃي،جي يو آءِ کي عوام کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي،مولانا فضل الرحمان سميت سمورن شهرين جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي،حڪومت مولانا فضل الرحمان سميت جي يو آءِ جي سمورن اڳواڻن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي

پهنجو تبصرو موڪليو