حملي جو خطرو،عدالت جو رستا کولڻ جو حڪم، آزادي مارچ لاهور طرف

ڪراچي(نمائندن وٽان) آزادي مارڄ ملتان مان اڱاري ڏينهن لاهور لاءِ روانو ٿي رهيو آهي. ملتان جي آس پاس کان قافلا پهچي ويا آهن. ملتان ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جاويد هاشمي ۽ اپوزيشن ٻين جماعتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان اقوام متحده ۾ چوي ٿو ته آءِ ايس آءِ القائده کي ٽريننگ ڏني، ايراان ويو ته ته چيائين اوهان جي خلاف اسانجي ملڪ مان دهشتگردي ٿيندي رهي آهي، ڪشميرين کي چوي ٿو ته هو سندن سفير آهي ٻئي پاسي چوي ٿو ته مودي کٽندو ته ڪشمير مسئلو حل ٿيندو، سڄي قوم ڏٺو ته مودي کٽڻ بعد ڪشميرين جو ڇا حال ڪيو.

زادي مارچ جي جلسي جو ڏيک

پنجاب حڪومت جي ٿريٽ الرٽ

پنجاب جي هوم ڊپارٽمينٽ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ڳجهي اداري را ۽ افِغان ڳھجهي اداري اين دي ايس پاران مولانا فضل الرحمان تي قاتلاڻي حملي جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي ۽ ان مقصد لاءِ ٽارگٽ ڪلرز کي هائر ڪيو ويو آهي. هوم ڊپارٽنمينٽ واسطير سيڪورٽي ادارن ۽ پوليس کي ضروري حفاظتي انتظام ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جو حڪم

جي يو آءِ پاران داخل ڪرايل درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ خيبپختونخوا جي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته آزادي مارڇ ڪندڙن جي راهه ۾ ڪا به رڪواٽ پيد نه ڪئي وڃي ۽ ڪنٽينر وغيره هٽايا وڃن. عدالت پيمرا کي هدايت ڪئي آهي ته اپوزيشن کي به اوتري ٽي وي چينلز تي ڪوريج ڏني وڃي جيتري حڪومت کي ڏني وڃي ٿي.

آزادي مارچ جو ٻيو ڏينهن سومر

سومر تي صبح جو مولانا لاڙڪاڻي مان پوليس جي ڀرپور پروٽوڪول سان گڏ سکر پهچي ويو. لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو موجب ڪيترين ئي گاڏين جي قافلي سان گڏ ناصر محمود سومرو به هو جنهن مولانا فضل الرحمان جي ميزباني ڪئي. مدئجي مان نويد دل موجب ماڻهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر قافلو اسپيڊ سان روانو ٿي ويو مولانا رڳو هٿ لوڏيو. لکي مان نثار منگي موجب قافلو لکي ۾ نه بيٺو اسپيڊ سان گاڏيون سکر هليون ويون. سکر مان امداد ڪلوڙ موجب منجهند هڪ وڳي مولانا فضل الرحمان پهتو سندس اچڻ کان اڳ ۾ شڪارپور، خيرپور ۽ سکر ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن مان قافلا صبح کان ئي سکر پهچڻ شروع ٿي ويا هئا. ڪنٽينر تي سڀني اپوزيشن جي جماعتن جي سربراهن جا فوٽو لڳايا ويا آهن.

سکر مان آزادي مارچ جو قافلو روانو

روهڙي باءِ پاس تي استقبالي ڪيمپ تي به قافلا پهچي ويا آهن. پيپلزپارٽي جا اڳواڻ نثار کهڙو، ناصر شاهه، سيد اويس شاه، انور خان مهر به قافلي ۾ پهتا. هن چيو ته عذاب خان مان جان ڇڏائڻي آهي. گو نيازي گو هڪ ٽڪي جا ٻه نيازي جا نعرا هنيا ويا. هن چيو پهرين ملهه آهي ٻئي ۽ ٽئين ملهه به آهي اسين وڙهنداسين. آزادي مارچ جي قافلن سبب سکر کان پنو عاقل تائين ٽريفڪ سخت متاثر ٿي آهي. قومي شاهراهه تي گاڏين جون وڏيون قطارون لڳل آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته سنڌيو مهرباني اوهان ساٿ نڀايو آهي، مولانا چيو ملڪي وجود ۽ آئين خطري ۾ آهي، جنگ جو طبل وڄي چڪو پوئتي هٽڻ ڪفر آهي، هي جبر جي حڪومت ختم ڪنداسين، ميڊيا تي پابنديون لڳائي ظلم ڪيو ويو آهي ، هن ميڊيا کي مارچ ۾ شامل ٿي احتجاج جي آڇ به ڪئي. اسٽيج تان اي آر واءِ ٽي وي جي ڪوريج تي ناپسنديدگي جو اظهار به ڪيو ويو. آزادي مارچ مختلف شهرن مان ٿيندو رات دير سان ملتان پهتو.

آزادي ماچ پهريون ڏينهن آچر

ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو ڏينهن ملهائڻ بعد مولانا فضلا لرحمان جي اڳواڻي ۾ آزادي مارچ جو قافلو  آچر تي شام جو ڪراچي مان اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو. مولانا لاڙڪاڻو ۽ آزادي مارچ جو قافلو رات دير سان سکر پهتو. ان دوران مولانا جي ڀاءُ عطاءُ الرحمان جيو نيوز جي پروگرام ۾ چيو ته حڪومت مولانا ڪفايت الله کي گرفتار ڪيو آهي ۽ حافظ حمدالله جي شهريت رد ڪئي آهي ان ڪري حڪومت سان ٿيل معاهدو ختم آهي. جنهن بعد مولانا فضل الرحمان چيو ته اسانجو معاهدو اسلام آبد انتظاميه سان ٿيو آهي جيڪو برقرار آهي. سومر تي صبح جو قافلو سکر مان پنهنجي منزل طرف روانو ٿيندو***ڪراچي مان دريا خان شر موجب مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ خصوصي طور تيار ڪرايل ڪنٽينر ۾ مرڪزي اڳواڻ شريڪ آهن.

فيس بڪ فوٽو

ڪنٽينر ۾ آرام ڪرڻ، باٿ روم ۽ وهنجڻ جي به سهولت آهي. ٽ وي، ايئرڪندڊيشنڊ ۽ 12 ماڻهن جي ويهڻ جو انتظام آهي. جڏهن ته ڪنٽينر جي ڇت تي اسٽيج آهي. ڪنٽينر جي حفاظت لاءِ جميعت جا خاڪي وردي پاتل ڏنڊا بردار ڪارڪن موجود آهن. آزادي مارچ جي روانگي وقت اپوزيشن جي سڀني جماعتن جا ڪارڪن موجود هئا. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان استعيفيٰ ڏيڻي پوندي ۽ اسين اسلام آباد پهچي اسلام جو جهنڊو لهرائينداسين. هن چيو ته حڪومت جي مذاڪراتي ٽيم اسان کان اين آر او وٺڻ آئي هئي، جيڪو اسن رد ڪيو. 25 جولاءِ واري جعلي چونڊ جي مينڊيٽ کي نٿا مڃون، نيون چونڊون ڪرائڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

مولانا فضل الرحمان جي بم پروف ڪنٽينر جا اندروني منظر

آزاد مارچ جي استقبال لاءِ قومي شاهراهه تي مختلف شهرن ۾ استقبالي ڪيمپ  قائم آهن جتان مقامي قافلا آزادي مارچ ۾ شامل ٿيندا ويندا. ***اسلام آباد مان اياز مهر موجب حڪومت ۽ جي يو آءِ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ بعد به پڪڙ ڌڪڙ جو سلسلو بند ناهي ٿيو. مفاد عامه ۾ مولانا فضل الرحمان جي اهم ساٿي مولانا ڪفايت الله کي نفرت ڦهلائي حڪومت خلاف ماڻهن کي اڪسائڻ ۽ قلم 144 لاڳو هجڻ جي باوجود چندو ڪرڻ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪري حريپور جيل منتقل ڪيو ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ به بينر هڻڻ جي الزام ۾ جميعت جي ٻن مقامي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو. *** ڪوئٽا مان ايوب ترين موجب مولانا عبدالواسع جي سربراهي ۾ آزادي مارچ آچر تي منجهند جو روانو ٿيو جيڪو ڊيرا اسماعيل خان ۽ ميانوالي کان ٿيندو اسلام آباد پهچندو.

هوڏانهن پنجاب پوليس سنڌ جي بارڊر تي ڪمون شهيد ۽ ڪشمور وٽ وڏي پيماني تي ڪنٽينر لهرائي رکيا آهن. مريد شاخ مان ارشد فيض گهنڃو موجب ڪنهن به امڪاني گڙ ٻڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ پنجاب بارڊ تي ٻنهي صوبن جي پوليس ۽ رينجرز جا دستا الرٽ بيٺل آهن. *** مورو مان اياز مورائي موجب آزادي مارچ مورو ڪراس ڪري چڪو هي، جيئن ئي جلوس مورو پهتو ته سندس ڀرپور استقبال ڪيو ويو، گلن جي ورکا ڪئي وئي، استقبال ڪندڙن ۾ اپوزيشن جي سڀني پارٽين جا ڪراڪن شامل هئا، علامه راشد محمود سومرو چيو ته هڪ پاسي حڪومت ڳالهيون پئي ڪري ٻئي پاسي گرفتاريون ڪندي رڪاوٽون پيد پئي ڪري، اسين ڪنهن کان ڊڄون نٿا هر رڪاوٽ ٽوڙي اسلام آباد پهچنداسين. سيڪورٽي سبب يا ٻيو ڪجهه؟ مولانائن جا يو ٽرن! علامه محمود پنهنجي ليکي، مولانا به يو ٽرن وٺي ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان رات لاڙڪاڻي ۾ رهندو۽ پوءِ خبر ناهي. فضل الرحمان رات لاڙڪاڻي ۾ رهندو، اڌ قافلي سکر ويندو. صبح جو سکر مان اڳتي ويندا. مورو مان ويندڙ قافلو تنڊو مستي مان وري چقمو؟؟؟

پهنجو تبصرو موڪليو