موسميات کاتي پاران طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ کنوڻ سان طوفاني برساتن جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب عرب سمنڊ ۾  موجود ڊپريشن طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ طوفان(توڪتي) ڪراچي کان 1460 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. طوفان سان گڏ 70 کان 100 ڪلو ميٽر رفتار جون هوائون هلي رهيون آهن. طوفان ايندڙ 12 کان 16 ڪلاڪن ۾ انتهائي شدت اختيار ڪري سگهي ٿو.طوفان ايندڙ 12 کان 15 ڪلاڪن ۾ اتر مغرب  طرف وڌندو ۽ طوفان 16  مئي جي صبح ڀارتي رياست گجرات پهچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته طوفان جي اثرن سبب ٺٽه، بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ کنوڻ سان گڏ طوفاني برساتن جو امڪان آهي ۽ ڪراچي ۾ 17 کان 20 مئي جي دوران تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته اندرون سنڌ جي ضلعن لاڙڪاڻو، خيرپور، شهيد بينظيرآباد ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. 16 کان 20 مئي تائين مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو