مورو ۾ 7 سالن جي نينگري هٿ، وارثن جي ڳولا

مورو(مورائي اياز سولنگي) شھر جي سچل ڪالوني جي رهواسي پيرسن الھ ڏنو ڪورائي کي لاوارث حالت ۾ هڪ 7 سالا ڇوڪري هٿ آئي آھي جيڪا پنهنجو نالو سلميٰ، پيءُ جو نالو شبير ۽ ماءُ جو نالو آمنه ٻڌائي ٿي. جنهن جا وارث ڳولا ڪرڻ جي باوجود ناهن ملي سگهيا، جنهن سبب ڇوڪري والدين جي جدائي ۾ روئي روئي بيحال ٿي وئي آھي. ان سلسلي ۾ اين جي اوز جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ ايڌي جي رضاڪارن کي اپيل ڪئي آھي ته هٿ آيل ڇوڪري جي مائٽن جي ڳولا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو