موجوده صورتحال ۾ منهنجي خاموشي وڌيڪ اهم آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ منهنجي خاموشي وڌيڪ اهم آهي.اسلام آباد جي ضلعي عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مونکي خبر ناهي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي.شيخ رشيد چيو ته ججن کي خط اهم ۽ حساس معاملو آهي، ان تي گهڻو نه ڳالهائڻ بهتر آهي.هن اهو به چيو ته هو چونڊون هاري ۽ قبول ڪيو، آرام ڪري رهيو آهيان، آرام ئي بهترين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو