اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يوآءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته موجوده سياسي بحران جي حل لاءِ فوج کي سياست کان ڌار ٿيڻو پوندو،جيستائين فوج پاڻ کي سياست کان ڌار نه ڪندي، ملڪ بحران مان نڪري نه سگهندو،سياسي قوتن خلاف طاقت جو استعمال مسئلن جو حل ناهي، ان سان سياسي انتشار وڌندو،مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورا ادارا آئين جي دائري ۾ رهي ته ملڪ کي سنڀالي سگهجي ٿو،جيترو جلد طاقتور حلقا ان حقيقت کي سمجهندا اوترو ئي ملڪ ۽ پنهنجي لاءِ بهتر هوندو، ٻي صورت ۾ بگاڙ وڌندو،مقتدرا کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته موجوده هائبرڊ سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي،ملڪ ۾ تازين ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ سمورن مسئلن جو حل آهي.










