ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي صدر موبائيل مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان سڙي رک ٿي ويا، ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه ڊگ ذريعي پهرين منزل تائين پهتي، باهه لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته بازار جي گهٽين ۾ موجود ڪجهه ڪيبن به سڙي رک ٿي ويون.فائر برگيڊ عملدارن موجب صدر موبائيل مارڪيٽ ۾ رات دير سان لڳل باهه تي 5 کان وڌيڪ فائر ٽينڊرن جي مدد سان قابو ڪيو ويو آهي،ڪن هنڌن تي ننڍيون باھون آهن، انهن کي ٻاهر ڪڍي رهيا آهن.










