مواخذي جي ڪارروائي، ڪانگريس ٽرمپ کي طلب ڪري ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان نمائندگان (ڪانگريس) مواخذي جي تياري لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 4 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو. ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي هائوس جوڊيشري ڪميٽي جي چيئرمين جيروڊ نيڊلر جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ يا ته ڪانگريس سامهون پيش ٿئي يا وري مواخذي جي ڪارروائي جي عمل متعلق شڪايتون بند ڪري. جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيو ته پوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ گواهن کان سوال به ڪري سگهندو. ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيڻ جي صورت ۾ ان جي خلاف مواخذي جي ڪارروائي جو عمل ٻئي مرحلي ۾ پهچي ويندو. جيروڊ نيڊلر آمريڪي صدر کي وڌيڪ لکيو آهي ته مون کي اميد آهي ته آمريڪي صدر انڪوائري ڪميٽي سامهون پيش ٿيڻ جو آپشن استعمال ڪندو چاهي هو سڌو پيش ٿئي يا پنهنجي قانوني مشير ذريعي پيش ٿئي جهڙي طرح اڳوڻا صدر ڪندا رهيا آهن. هن پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ٻڌڻي تاريخي ۽ آئيني بنياد تي مواخذي لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي. آمريڪي صدر کي لکيل خط ۾ جيروڊ نيڊلر اهو به لکيو آهي ته اسان اوهان جي ان مبينه عمل تي به بحث ڪندو جنهن ۾ ڪانگريس جي مواخذي جي ڪارروائي جي اختيار متعلق سوال اٿاريو آهي. جيروڊ نيڊلر آمريڪي صدر کي پهرين ڊسمبر تائين مهلت ڏني آهي ته ٻڌايو وڃي ته توهان مواخذي جي ڪارروائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيش ٿيندئو يا نه جيڪڏهن توهان پيش نه ٿيندو ته پوءِ توهان جي جڳهه تي ڪير پيش ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو