مهر ميڊيڪل ڪالج جي ملازمن جي هڙتال جاري

سکر(ن س) غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪالج جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ به پنهنجو احتجاج جاري رکيو. ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ 6 هين ڏينهن به ڪم ڇڏيو هڙتال ڪري پرنسپل آفيس جي گيٽ آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. رياض ڀيو، يار محمد ڪٽپر، محمد افضل مهر ۽ ٻين چيو ته بونس الائونس، ڊي پي سي، سن ڪوٽا سميت ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف وقتن ۾ احتجاج ڪندا رهيا آهيون ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر انيلا عطاءَ الرحمان خاطري به ڪرائي هئي پر هن وقت تائين ڪو به سنجيده قدم ناهي کنيو ويو. هنن چيو ته هو سخت پريشاني ۾ آهن سندن جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو