ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مهانگائي تي ڪنٽرول وارين خبرن بعد پاڪستان استاڪ مارڪيٽ ۾ سومر تي تيزي نظر آئي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 1312.68 جو اضافو رڪارڊ ٿيو. گذريل هفتي اسٽاڪ ۾ ٻاڙائي نظر آئي هئي جنهن جو سبب فنانشل ٽاسڪ فورس پاران پاڪستان کي گري لسٽ م رکڻ جو فيصلو ڄاڻايو ويو هو.ڪاروبار شروع ٿيو ته مجموعي انڊيڪس 37983.62 جي هيٽين سطح تي پهچي وئي هئي پر شماريات بيورو جي ان رپورٽ بعد اسٽاڪ ۾ تيزي آئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته فيبروري مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اڃا وڌيڪ گهٽتائي متوقع آهي. جنهن بعد مارڪيٽ ۾ تيزي آئي ۽ 39362ئ29 پوائنٽس تي بند ٿيو.










