مهانگائي ۽ بيروزگاري مزدور طبقي کي متاثر ڪيو: صدر/ وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پورهيت عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي سڀ کان وڌيڪ مزدور طبقو متاثر ڪيو آهي. حڪومت معاشي طور ڪمزور ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، معيشت جي بحالي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي.ٻئي طرف صدر آصف زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پورهيت طبقو مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.صدر چيو ته ڪارڪنن کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي سامان فراهم ڪيو وڃي. اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو