مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ بجلي وڌيڪ 4.12 روپيه في يونٽ مهانگي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ بجلي وڌيڪ 4 روپيه 12 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيو ويو جيڪو صارفين کان جنوري جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو.نيپرا اٿارٽي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. تازي اضافي ۾ فيول پرائس ۽ بقاياجات جي مد ۾ وصوليون پڻ شامل آهن.سي پي پي اي فيول پرائس جي مد ۾ 4 روپيه 66 پئسن جو اضافو گهريو هو جنهن تي نيپرا اٿارٽي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان لائف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو