اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو.صحت واري وزارت جي ترجمان موجب مونڪي پاڪس ۾ مبتلا پشاور جو هي شخص نار جي ملڪ مان آيو آهي.صحت واري وزارت جي ترجمان چيو ته شهري کي 29 آگسٽ تي علامتن جي ظاهر ٿيڻ جي بنياد تي بارڊر هيلٿ سروسز طرفان آئسوليٽ ڪيو ويو هو. هن چيو ته ان ڪيس کانپوءِ پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جي ڪيسن جو انگ 4 ٿي ويو آهي.ڊاڪٽر مختار برفت چيو ته سمورن ايئرپورٽن تي اسڪريننگ جو موثر نظام موجود آهي، پاڪستان منڪي پوڪس کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا آهن.هن چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي وقت تي سمورا ضروري قدم کڻڻ کي يقيني بڻائي رهيا آهن، صحت واري وزارت صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي.










