مني لانڊرنگ ڪيس: خاناڻي ۽ ڪاليا جا سڀ ملزم بري

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ايف آءِ اي جي اپيل رد ڪندي خاناڻي اينڊ ڪاليا گروپ جي سمورن ملزمن کي بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي. جسٽس محمد سليم تي مشتمل هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ انهيءَ ڪيس جي ٻڌني ڪئي. انهيءَ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جو وڪيل چوڌري سليم هيو جڏهن ته مجموعي طور تي هڪ سو شاهدن مان 42 شاهدن ايف آءِ اي جي خلاف شاهدي ڏني ۽ 58 شاهدن عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بينڪنگ ڪورٽ پاران ملزمن کي بري ڪرڻ وارو فيصلو برقرار رکيو. بري ٿيڻ وارن ملزمن ۾ عبدالعزيز پولاڻي، الطاف خاناڻي، ذڪيره جاويد قاسم، حنيف ڪاليا، مناف ڪاليا، جاويد خاناڻي ۽ عاطف پولاڻي شامل آهن. جن مٿان 55 ڪروڙ روپيا ملڪ کان ٻاهر غيرقانوني طور منتقل ڪرڻ جو ڪيس داخل هو. واضح رهي ته اهو ڪيس پيپلزپارٽيءَ جي وفاقي حڪومت واري دور ۾ داخل ٿيو ۽ ڪيس ۾ نامزد هڪ ملزم جاويد خاناڻي زير تعمير عمارت مان ڪري فوت ٿيڻ وارو واقعو به پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو