مني لانڊرنگ ڪيس، شهباز شريف ۽ حمزا فرد جرم لاءِ عدالت طلب

مني لانڊرنگ ڪيس، شهباز شريف ۽ حمزا فرد جرم لاءِ عدالت طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي عدالت ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.ٻڌڻي دوران حمزا شهباز جي وڪيل سندس ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون.شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته ڪالهه شهباز شريف اسلام آباد ۾ سرڪاري ملاقاتن ۾ مصروف هو، گذريل رات هو لاهور کان اسلام آباد اچڻ لاءِ تيار هو پر خراب موسم سبب کيس سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو.ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته کيس شهباز شريف ۽ حمزا جي حاضري کان ڇوٽ تي ڪو به اعتراض ناهي.ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جوابدارن جي ضمانت منظور ٿيندي ئي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار ملڪ مقصود جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو ويو آهي، جوابدار جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جوابدار سليمان شهباز جي ملڪيت جو رڪارڊ پيش ڪيو.جنهن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪندي ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو