منير افسر کي 3 سالن لاءِ چيئرمين نادرا مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت نادرا جي چيئرمين جي مقرري بابت وڏو فيصلو ڪندي ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي 3 سالن لاءِ چيئرمين نادرا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب نگران حڪومت ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي مقرري هن وقت تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت سندس مقرري ٽن سالن لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.حاضر سروس آفيسر کي چيئرمين نادرا مقرر ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڪردار کي شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سمري سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪري ورتي، لاڳاپيل ضابطن تحت نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ چونڊيل وفاقي حڪومت جي منظوري گهربل هئي.اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 230 تحت، ساڳئي مدي جي مقرري کي مختصر مدو سمجهيو ويندو آهي.وفاقي ڪابينا نادرا رولز 2020ع ۾ قاعدو 7 اي شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ضابطي 7 اي تحت قومي مفاد ۾ ڪنهن به حاضر سروس آفيسر کي چيئرمين نادرا مقرر ڪري سگهجي ٿو، ان شرط تي ته حاضر سروس آفيسر جو درجو گريڊ 21 کان گهٽ نه هجي.محمد منير افسر کي 2 آڪٽوبر 2023 تي چيئرمين نادرا مقرر ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو