منهنجي سوال جو ڪوبه جواب نٿو اچي: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته قوم پُڇڻ چاهي ٿي ته 2017ع ۾ ترقي ڪندڙ پاڪستان کي ڇو روڪيو ويو؟ هر هر سوال پڇي رهيو آهيان ته ائين ڇو ڪيو؟ منهنجي سوال جو ڪوبه جواب نٿو اچي،نواز شريف جو پارٽي جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عوام مهانگائي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ملڪ خوشحال هوندو ته ماڻهن ۾ به خوشحالي ايندي،هن چيو ته دنيا الائي ڪٿي پهتي آهي، پر اسان ننڍي ننڍي شئي به امپورٽ ڪريون ٿا، اِن جو احساس ۽ اندازو هجڻ گهرجي ته اسان پنهنجي ملڪ سان زيادتي ڪئي آهي،نواز شريف چيو ته زيادتي جو ازالو چاهيو ٿا ته پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، الله اسان کي ايندڙ حڪومت ڏني ته ملڪ کي سٺي نموني هلائڻ جي توفيق به ڏيندو، اهو عزم هوندو ته چونڊون وڙهنداسين ۽ کٽي به وينداسين

پهنجو تبصرو موڪليو