منهنجو ۽ نوازشريف جو خواب پورو ٿي ويو: مريم نواز

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز فيلڊ اسپتال پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.فيلڊ اسپتال پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته فيلڊ اسپتالن جو منصوبو ڪامياب بنائيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي. مون ۽ نوازشريف هڪ خواب ڏٺو هو ته ماڻهن کي صحت جي سهولت سندن گهر جي دروازي تي ملندي اڄ اهو خواب پورو ٿي ويو آهي. هن چيو ته 6 هفتن ۾ چئني پاسي فيلڊ اسپتال تيار ڪيا ويا، فيلڊ اسپتال ڏوراهين علائقن ۾ به پهچندا. فيلڊ اسپتال اتي به سهولتون ڏيندا جتي ڪابه اسپتال نه آهي، فيلڊ اسپتال ۾ عوام کي طبي سهولتون ڏنيون وينديون. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته فيلڊ اسپتالن ۾ او پي ڊي، حفاظتي ٽڪه ۽ ويم جي سهوليت به ميسر هوندي. فيلڊ اسپتال ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز به هوندا جڏهن ته ايمرجنسي جي صورت ۾ سرجري جي سهوليت به موجود هوندي. هن چيو ته صحت بابت سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائي رهيا آهيون. اڄ کان پهريان ڪنٽينرز صرف باهين، گهيراءُ ۽ بل ڦاڙڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. هاڻ فيلڊ اسپتالن ۾ عوام کي طبي سهولتن جي فراهمي ٿيندي. فيلڊ اسپتالن ۾ اهي سموريون سهولتون ميسر هونديون جيڪي هڪ ڪلينڪ ۾ هونديون آهن. مريم نواز چيو ته 32 فيلڊ اسپتال اڄ پنجاب ۾ پکڙجي ويندا، اڄ پهرين فيلڊ اسپتال سان گڏ بهاوالپور وڃي رهي آهيان، منهنجي وڊيوز تي تنقيد ڪندڙ ڪمرن مان نڪري عوام جي خدمت ڪن ته جيئن انهن جي به وڊيوز ٺهي سگهي. اهو سڀ ڪجهه نوازشريف جو وزن آهي مان ته انهي جي نقش قدم تي هلي رهي آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو