منهنجو پرفيوم خريد ڪريو،جئين مان ٽوئيٽر خريد ڪريان؛مسڪ

منهنجو پرفيوم خريد ڪريو،جئين مان ٽوئيٽر خريد ڪريان؛مسڪ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي مزاحيه انداز ۾ پنهنجي پرفيوم جي پروموشن ڪئي آهي.ايلون مسڪ ”برنٽ هيئر“ جي نالي سان پنهنجو پرفيوم لانچ ڪيو آهي ۽ ٽوئٽر تي به ان جي پروموشن ڪري رهيو آهي.هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مهرباني ڪري منهنجو پرفيوم خريد ڪريو ته جيئن مان ٽوئيٽر خريد ڪري سگهان. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن مزاحيه انداز ۾ لکيو ته اهو ناگزير هو ته منهنجو نالو خوشبوءَ جي ڪاروبار ۾ شامل هوندو، پوءِ مون ان لاءِ ايتري عرصي تائين ڇو وڙهندي رهي؟اهو ئي نه پر ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي پنهنجو بائيو به تبديل ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ان جي لانچ کانپوءِ پرفيوم وڪڻي سگهجي.هن پنهنجي ٽوئيٽر بائيو ۾ لکيو آهي ته مان پرفيوم جو وڪرو ڪندڙ آهيان.ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي پرفيوم خريد ڪرڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ آفيشل ويب سائيٽ جي لنڪ پڻ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته اها زمين جي بهترين خوشبو آهي.هن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن وقت تائين سندس پرفيوم جون 20 هزار بوتلون وڪرو ٿي چڪيون آهن.ايلون مسڪ پاران 44 بلين ڊالر جو ٽوئيٽر ڊيل هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ جيڪڏهن هو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته کيس نومبر ۾ معاهدي جي ڀڃڪڙي کي منهن ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو