“منشيات کان انڪار زندگي سان پيار” عالمي ڏينهن تي جاڳرتا جلوس

ڪراچي(نمائندن وٽان) اڄ سڄي دنيا ۾ منشيات خلاف عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلسا جلوس پڻ منعقد ڪيا ويا. مورو مان اياز سولنگي مطابق مختلف سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن سول سوسائٽي, مورو پوليس ۽ مورو ميونسپل ڪميٽي  پاران احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جتي ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا ريلي ۾ شريڪ ماڻھن منشيات کان انڪار زندگي سان پيار، منشيات جو خاتمو ڪريو نوجوان نسل بچايو ۽ ٻيا نعرا هڻي رهيا هئا.

ريلي شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب پهتي جتي نوجوان سول سوسائٽي جي غلام دستگير، پپو ماڇي, ايس ٽي پي جي محمود اعواڻ, ايس اين پي جي بلاول ڏاهري, ايس يو پي جي ايم اسلم ڪوريجو, آل سنڌ لغاري اتحاد جي مرڪزي ڪائونسل جي ميمبر عبدالحڪيم لغاري, شھرين ۾ آڪاش ڪورائي, مڪيش ڪمار, الطاف بهڻ, ايس ايڇ او مورو راجا نويد سرفراز,سب انسپيڪٽر اسحاق ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته منشيات انسانيت جي تباهي جو ڪارڻ آھي. هنن چيو ته هيروئين ڀنگ آفيم چرس ڪچو شراب ۽ نشي آور سوپاريون سرعام وڪامجي رهيون آھن جيڪي بند ٿين گهرجن. *** سترموري مان لال بخش سٺيو موجب ڊي ايس پي سيد سڪندر علي شاھ، مختيار ڪار زوهيب ميمڻ، قاضي توقير۔ سيد ظھور شاه۔پيرفيصل۔سڪندر ڀٽي۔ غلام فاروق ڀٽي ماما خليل ڀٽي صالح ڀٽي ۽ ريوينيو جا ملازم ۽ ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن سان گڏ ميونسپل ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين آگاهي ريلي ڪڍي ويئي ان موقعي تي ريلي ۾ خطاب ڪندي چيو ويو منشيات جي روڪ ٿام لاء عوام جو تعاون ضروري آھي. ***ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب  ڊي سي ڪشمورايٽ ڪنڌڪوٽ منورعلي ميٺاڻي جي اڳواڻي ۾ منشيات جي عالمي ڏيهن جي حوالي سان جاگرتا ريلي ڪڊي وئي ريلي ڊي سي آفس کان مارچ ڪندي گهنٽا گهر چوڪ پهتي ريلي سان مخاطب ٿيندي ڊي سي، ايم اس نورالدين دائود پوٽو، ڊاڪٽروويڪ ڪمار۽ ٻين چيو ته منشيات اسان جي نسلن لاء نقصان ڪارآھي عوام ان مرض کي ختم ڪرڻ لاء سهڪارڪري.*** ٽنڊو محمد خان جي مختلف شهرن جيان بلڙي شاهه ڪريم مان ذوالقرنين لنڊ موجب ٽائون ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالغفار شيخ، نامياري تعليمي ماهر ۽ شاھ ڪريم ڪيمپس هاء اسڪول جي هيڊ ماستر سيد علي اڪبر شا، واپاري ايسوسيئشن جي صدر حاجي محمد اسماعيل ميمڻ، بولا خان جت ۽ ڊاڪٽر محمد ايوب ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا واڪ ڪيو ويو. جنهن ۾ سول سوسائٽي، سوين شهرين استادن ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي.

واڪ جي موقعي تي ڳالهائيندي اي سي عبدالغفار شيخ چيو ته منشيات جي مڪمل خاتمي لاء اسان سڀن کي هڪ ٿيڻو پوندو، اسان کي پنهنجن نوجوانن ۽ خاص ڪري مستقبل جي معمارن جي زندگين کي منشيات جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو پوندو. تعليمي ماهر سيد علي اڪبر شاھ چيو ٻڌايو ته تازي سروي مطابق هن وقت پوري دنيا ۾ 25 ڪروڙ ماڻهو منشيات واپرائن ٿا ۽ سنڌ ۾ هن وقت 90 لک ماڻهو منشيات واپرائن ٿا جيڪو هڪ خطرناڪ عمل آهي اسان پنهنجن پيسن سان پنهنجي زندگي برباد ٿا ڪريون هي سلو پوائزن آهي.  وقعي تي منشيات تي لعنت ۽ پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو