اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن دوران 48 مريض فوت ٿي ويا آهن.جڏهن ته 15 سئو 94 وڌيڪ نوانرپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 285 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 76 لک 42 هزار 665 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 594 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 32 هزار 412 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هنيئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 40 هزار 570، پنجاب ۾ هڪ لک 53 هزار 410، خيبرپختونخواهه ۾ 65 هزار 287، اسلام آباد ۾ 40 هزار 713، بلوچستان ۾ 18 هزار 736، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 795 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 901 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 34 هزار 626 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 48 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 11 هزار 295 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران هڪ هزار 981 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 86 هزار 489 ٿي ويو آهي.










