اسلام آباد (بيورو)عيد الاضحيٰ کان اڳ ڪرونا جي وبا شدت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ عوام کي احتياطي تدبيرن جي سخت ضرورت آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وائرس سبب 9 مريض فوت ٿي ويا آهن.ڪالهه 23 هزار 125 ڪوڊ ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.77 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 872 ڄڻن ۾ موذي مرض جي سڃاڻپ ٿي آهي جڏهن ته 165 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










