ملڪ ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته ڏکڻ وارن علائقن ۾ گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.موسميات کاتي موجب اڄ مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي برسات پوڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ڪراچي ۾ به ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ هوائون 40 کان 45 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو