پشاور: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ کي اسلامي رياست ٺاهڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي. پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي اسلامي رياست بنائڻ ۾ اسان جي دانشمندن جو پارلياماني ڪردار آهي، ملڪ جي جمهوريت ۽ پارلياماني سياست تي هزارين سوال اٿي رهيا آهن.هن چيو ته اسلام جي لاءِ جدوجهد جاري آهي، جاري رهندي، جي يو آءِ هڪ نظرياتي تحريڪ جو نالو آهي، حالتن موجب اسان کي هلڻو پوندوآهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته 99 سيڪڙو اسلامي قانون جو لاڳو اسلامي نظرياتي ڪونسل جي مشاورت سان ٿيو، اسان ايوانن کي اهڙن ميمبرن سان ڀري ڇڏيو آهي جن کي اسلام جي باري ۾ ڪا خبر نه آهي، معاشري ۾ فرقيوارانه عناصير موجود آهن.هن چيو ته ٻن هفتن کان منهنجون سرگرميون معطل هيون. هڪ سفير ڪرم واقعي جو ذڪر مون سان ڪيو مون چيو ته اهو 20 کان 22 سالن کان قبائلي جهيڙو آهي. ڪرم ۾ جهيڙو آهي پر باهه پشاور، ڪوهاٽ نه پهتي پر ڪراچي تائين پهچي وئي. اسان کي خبر آهي ته ڪرم جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو.هن چيو ته معاشري کي غلط فهمي جو شڪار نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن اسان معاملن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته ٻيهر اشتعال ڏياريو ويندو آهي. مون سان به رابطا ڪيا ويا پر مون بندوق نه کنئي.










