ملير(ن سنڌيار) نيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي بحريا ٽائون انتظاميا جي آفيسرن سميت ٻه سئو ڄڻن خلاف گڏاپ ٿاڻي تي ڳوٺاڻي امير علي گبول جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ٿي ويو آهي. فرياد ۾ ملڪ رياض جو نالو شامل ناهي. جنهن تي فريادي امير گبول جو چوڻ آهي ته مون مڪ مڪا ناهي ڪئي پوليس دوکو ڪيو آهي مان ملڪ رياض جو ڪيس ۾ نالو شامل ڪرڻ لاءِ عدالت ويندس. پوليس پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ بحريا ٽائون لينڊ ڊپارٽمنٽ ايڊمرل (ر) احمد حيات، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪرنل (ر) رفاقت، ڊائريڪٽر لينڊ ڪرنل (ر) خورشيد بخاري، ايم ڊي اي آفيسر انجنيئر محمد رياض، محمد دانش ۽ سرفراراحمد جوکا سميت 200 ڄڻا شامل آھن، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آھي ڄاڻايل آفيسرن جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي چڙھائي ڪري گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، عورتن ٻارن مٿان تشدد ڪري سامان جي ڦرلٽ ڪئي وئي، ايف آءِ آر ۾ قلم 447/ 448 ,453 , 506, B , 427 431 شامل ڪيا ويا آھي. ياد رهي ته ملير پوليس ملڪ رياض جو نالو داخل ڪرڻ نه پئي چاهيو ۽ فريادي تي دٻاءُ هو ته ملڪ رياض جو نالو داخل نه ڪرايو.










