ملڪي ترقي لاءِ اقليتن سميت سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اقليتن سميت سموري قوم کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو.ايسٽر جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ايسٽر جو تهوار اميد، محبت ۽ خوشحالي جو پيغام آڻي ٿو. مسيحي برادري پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي.صدر آصف زرداري چيو ته مسيحي ڀائر ۽ ڀينرون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اڳيان وڌي حصو ورتو آهي. اسان پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي تعريف ڪريون ٿا.صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مذهبي آزادي سميت سمورا بنيادي سياسي سماجي ۽ معاشي حق حاصل آهن. پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان جي خوشحالي لاءِ قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو