ٽنڊومحمد خان(ن س) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ڪو به لهر ۽ لوڏو نه آھي، اپوزيشن ڀلي جلسا جلوس ۽ ڌرڻا هڻن پر انهن جو ڪو به ارادو ڪامياب نه ٿيندو، هي حڪومت پنهنجا 5 سال مڪمل ڪندي ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي.هن چيو ته ڪرپشن ڪري ملڪ جو پئسو لٽيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو پاڪستاني عوام جي جي رپئي رپئي جو حصاب ۽ احتساب جو عمل به جاري آهي. 70 سالن جي گند کي صاف ڪرڻ ۾ ٿورو ٽائيم لڳندو ۽ ڪجھ مشڪلاتون سامهون اينديون پر انهن چورن لٽيرن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته ڪالهوڪي ٽرين حادثي تي وڏو ڏک پهتو آهي اسان فوت ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن سان هر ڏک ۾ گڏ آهيون. هن وزيراعظم کان مطالبو ڪندي چيو انهن جي هر طرح مالي مدد ڪئي وڃي ۽ انهن جو بهتر کان بهتر علاج ڪرايو وڃي.










