ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي : وزير

ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي : وزير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته توهان جي فاشزم، قوم دشمني ۽ ملڪ تي حملي لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اهڙو بندوبست ڪيو پيو وڃي ته سياست جي آڙ ۾ ڪو به دشمني نه ڪري ۽ مستقبل ۾ شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي نه ٿئي.مريم اورنگزيب چيو ته اوهان ماڻهن جي ڌيئرن جي گهرن تي حملا ڪيا، اوهان ماڻهن جي ڌيئرن کي سندن والدين جي سامهون گرفتار ڪيو.هن چيو ته ماڻهن جي ڀينرن کي ڇڪيو ويو پر هن ملڪ تي ڪنهن به توهان جهڙو حملو نه ڪيو، توهان سياست جو لبادو اوڍي ملڪ ۽ عوام کي عذاب ڏنو.سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته هن ملڪ جي معيشت کي نه ڇڏيو، نه ئي ماڻهن جو روزگار ڇڏيو ۽ نه ئي عوام جي ماني ڇڏي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته انتظام ڪيا پيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به اهڙو نه ڪري سگهي جيڪو اوهان ڪيو، ڪنهن کي اها جرئت نه ٿيندي ته اها ملڪ دشمني ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو