ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.تقريب کي خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته موجوده معاشي ۽ سياسي صورتحال اسان سڀني جي ڌيان جي ضرورت آهي.هن چيو ته 9 مئي جي واقعن جي تناظر ۾ اسان کي متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو آهي.ڪامران ٽيسوري چيو ته سڄي قوم 9 مئي سانحي جي سخت مذمت ڪري ٿي ۽ پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قومي سلامتي ادارن سان گڏ بيٺي آهي.هن چيو ته عوام جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو