اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سموگ جي خاتمي لاءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاهور ۾ هٿرادو مينهن وسايو ويو. پرڏيهي سهڪار سان لاهور جي مختلف علائقن ۾ هٿرادو مينهن جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد شهر جي فضائن ۾ موجود سموگ ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي.ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ اڄ پهريون ڀيرو هٿرادو مينهن جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو، پهرين فلائٽ ۾ فليئرز فائر ڪيا ويا، جيڪا شاهدرا ۽ مريدڪي ڀرسان فائر ڪيا ويا، لاهور جي تقريبن 10 علائقن ۾ برسات ٿي. هن چيو ته برسات وسائڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون، يو اي اي حڪومت ان حوالي سان سمورا معاملا ڏٺا، يو اي اي جو خاص جهاز 10 ڏينهن اڳ هتي اچي چڪو هو، مجموعي طور تي ٻه جهاز آيا آهن، جن ۾ يو اي اي جي سڄي ٽيم هتي موجود هئي. سندس چوڻ هو ته هاڻ لاهور جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس ۾ يقيني طور بهتري ايندي، ڏسنداسين ته هٿرادو برسات جو ڪيترو اثر پيو آهي، ڪجهه شيون شارٽ ۽ ڪجهه لانگ ٽرم آهن، ٻنهي کي ٽراءِ ڪيو. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صحت لاءِ اها ٽيڪنالاجي ٺيڪ نه هجي ها ته ڪو به ملڪ استعمال نه ڪري ها پر گڏيل عرب امارتن ۽ آمريڪا ۾ به اها ٽيڪنالاجي استعمال ٿي رهي آهي.
حڪومت تباهي جي رستي تي هلي رهي آهي،ڪامران مرتضيٰ
ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر
اسرائيل-لبنان تڪرار ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ٽرمپ
آزادي ۽ رواداريءَ جو امين عالم،سائين عزيزﷲ ٻوهيو!
سنڌيار سکر 02 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 02 آڪٽوبر 2024ع
چيف جسٽس عدالتي معاملن ۾ مداخلت بابت خط لکندڙ 6 ججن جي ملاقات
سعودي سان معاهدا وڌي ويا، قطر به 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو:تارڙ
ڪابينا پاران نجي شعبي جي تعاون سان اهم ترقياتي رٿائن جي منظوري
دهشتگردي، اغوا ۽ ڀتي جي جوابدارن کي 6 مهينا حراست ۾ رکڻ جو بل پيش
چين جي پهرين عام عورت خلاباز اسپيس اسٽيشن تي پهچڻ ۾ ڪامياب
ملڪ جي ايئرپورٽن تي بائيوميٽرڪ مشينون لڳائڻ جو فيصلو
سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 25 ڪرڻ بابت بل منظور
ڪئنال ٺاهڻ واري رٿا جي ھر فورم تي مخالفت ڪئي ۽ ڪنداسين
پاڪستان جي مشهور اداڪاره نرگس تي مڙس جو مبينه تشدد
انتظار پنجوٿا 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ٿي ويندو، اٽارني جنرل
آمريڪي سفارتخاني جو وفد اڊيالا جيل پهچي ويو، 3 قيدين سان ملاقات
لاڙڪاڻي ۾ ستن ٻارن جي پيءُ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
شھدادڪوٽ ۾ ٽانڪي ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت
نوابشاهه ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار فوت