ملڪي تاريخ آهي ته حڪومتون سليڪٽ ٿي عوام مٿان سوار ٿينديون آهن

حيدرآباد (ن س ) اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ وٽ مڪمل يرغمال آهي. ملڪ جي اھا بدترين تاريخ رهي آهي تہ حڪمران عوام جي ووٽ تي نہ چونڊبا آهن پر اسٽيبلشمينٽ سليڪٽ ڪري عوام جي سيني مٿان سوار ڪندي آهي، سليڪٽ حڪمرانن کي عوام بدران اسٽيبلشمينٽ جا گروهي مفاد پيارا هوندا آهن. گذريل عمران خان ۽ پي ڊي ايم جون حڪومتون ان جو واضح مثال آهن. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي عمل سبب نہ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت پير کوڙي سگهي آهي ۽ نہ ئي معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، محمد علي ٽالپر ۽ ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر پنهنجي گڏيل بيان ۾ ڪيو آهي اڳواڻن چيو آهي تہ اسٽيبلشمينٽ جي آشرواد سان پيپلز پارٽي سنڌ دشمن آدمشماري جا نتيجا قبولي ڪري ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪيو ۽ هاڻي وري واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ جو تماشو شروع ڪيو اٿن. نواز ليگ ضيائي ٽولي ٺاهي هئي ۽ هن وقت اهو ئي ٽولو نواز ليگ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، تنهنڪري نواز ليگ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ کي پاڪستان ڊڪٽيٽرڪ موومينٽ بڻائي ڇڏيو. غيرجمهوري قوتون پاڪستان جي تاريخ ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ طاقتور بڻجيو ويون آهن. غير جمهوري قوتن کي طاقت بخشي عوامي جدوجهدن کي ڪچلڻ واري قانونسازي ڪندڙ پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين کي عوام کان معافيون وٺڻ گهرجن. اڳواڻن چيو آهي تہ پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم وارن ڊجيٽل آدمشماري قبولي ملڪي آئين معطل ڪري اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهڻ سبب هن وقت ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ تہ نگران حڪومت نہ پر مارشل لا ايڊمنسٽريشن حڪمراني ڪري رهي آهي. ڊجيٽل آدمشماري کي ملڪ جو عوام رد ڪري چڪو آهي پر مارشل لا ايڊمنسٽيٽرز بڻيل اسٽيبلشمينٽ جي خواهش سبب هن غير آئيني آدمشماري کي قبوليو ويو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي تہ اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ نواز چند پارٽين سان ناني ڳوٺڙو ڪري اليڪشن جي عمل کي سليڪشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو