ميرپورماٿيلو)ظھير وسير) سومرا ڪالوني جي رهواسي مقبول ٽانوري ملڪيت جي ڳالھ تي ڀاڙي جي غنڊن سان گڏجي پنهجي پوڙهي ماءُ زينب تي تشدد ڪندي سندس ٻانھ ڀڃي ڇڏي ۽ والد غلام حيدر ٽانوري عرف فوجي تي تشدد ڪندي سندس مٿو ڦاڙي فرار ٿي ويا. جڏھن ته زخمي ٿيل والدين کي علاج لاء ميرپور ماٿيلو سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف جوابدار مقبول ٽانوري ۽ ساٿين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي. زخمي ٿيل پيرسن ٻڌايو ته جنهن اولاد کي تڪليفون ڪاٽي پاليو سين اهو منهجو پٽ منهنجي ننهن جي چوڻ تي ملڪيت جي ڳالھ تي اسان پوڙھن تي تشدد ڪندو رهندو آھي پر جڏھن ملڪيت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته منهجو پٽ ساٿين سان گڏجي اسان زال مڙس تي تشدد ڪيو آھي. جيڪڏھن گهر به پٽ کي لکي ڏيون ته اسان ڪيڏانهن وڃون اهڙي ظالم اولاد کان بي اولاد ڀلا آهيون.










